تحصيل ههجيرہ ۾ مسافر وين درياءِ جهلم ۾ ڪري پئي 12 ڄڻن جي ڳولا جاري

راولا ڪوٽ جي تحصيل ههجيرہ ۾ هڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي پنڊي کان ايندڙ مسافرن سان ڀريل وين آزاد پتن واري هنڌ تي بي قابو ٿي درياءِ جهلم ۾ ڪري پئي۔ حادثي جي اطلاع تي پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويون۔ريسكيو ٽيمون چار مسافرن کي باحفاظت ٻاهر ڪڍي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري چڪيون آهن، جڏهن⁠تہ 12 لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري آهي۔ ڊي سي راولاڪوٽ سدهنوتي ممتاز ڪاظمي موجب ريسڪيو ٽيمون مڪمل طور سرگرم آهن۔ريسكيو اهلڪارن ٻڌايو آهي ته درياءَ ۾ تيز وهڪرو هجڻ سبب آپريشن ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، پر ڳولا جو عمل بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو