ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جا اثاثا عوام آڏو آڻڻ بابت قانونسازي ڪري چڪا آهيون ۽ آءِ ايم ايف به سرڪاري ملازمن جا اثاثا سامهون آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪو اضافي شرط نه پر عملي قدم آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته سول سرونٽس ۽ سمورن پارليامينٽرين جا اثاثا 31 ڊسمبر تي ويب سائيٽ تي ظاهر ڪيا ويندا.هن چيو ته نوڪريون پيدا ڪرڻ حڪومت جو ڪم نه آهي، اهو ڪم پرائيويٽ سيڪٽر جو آهي. اسٽارٽ اپس ۽ نوجوان وباري ماڻهن لاءِ سازگار ماحول حڪومت جي ترجيح آهي، پر پرائيويٽ سيڪٽر کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو.ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ڊيجيٽل معيشت ۽ اي ڪامرس سان ڪاروباري سرگرمين ۾ مدد ملي، ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ ٿي، ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون مهيا ٿيڻ سان اعتماد وڌيو، ۽ خودڪار نظام سان ٽيڪس وصولي ۾ شفافيت ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم جي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان بدعنواني ۾ نمايان گهٽتائي آئي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي اڃا تائين ڪنٽرول ۾ آهي.سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته اسان کي ڊيجيٽل اڪانومي ڏانهن وڃڻو آهي ۽ ڪرپٽو ايڪسچينجز کي لائسنس ڏيڻ سان وڌيڪ بهتري ايندي. پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڪرپٽو ڪاروبار ۾ شامل آهن، جن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي، جيڪو ملڪ جي معيشت ۽ ترقي لاءِ مثبت آهي.
