اسپين جي کاٻي ڌر واري حڪومت رهائشي بحران کي نظر ۾ رکندي آمريڪي آن لائن هاليڊي رينٽل ڪمپني ي 6 ڪروڙ 40 لک يورو (تقريباً 7 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر) کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي۔بين الاقوامي ميڊيارپورٽنموجب اسپين جي وزارتِ صارف امور جو چوڻ آهي ته هي ڏنڊ حتمي آهي ۽ ايئر بي اين بي کي غير قانونيمواد هٽائي صارف قانونن جي ڀڃڪڙي ختم ڪرڻي پوندي۔وزارت موجب ايئر بي اين بي تي موجود 65 هزار 122 اشتهار قانون جيخلافورزي جا ذميوار قرار ڏنا ويا، جن ۾ بغير لائسنس جائيدادن جي تشهير يا اهڙا گهر شامل هئا، جن جا لائسنس نمبرسرڪاري ڊيٽا سان نه مليا۔بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي ڏنڊ ان غير قانوني منافعي جي ڇهه ڀيرا برابر آهي، جيڪو ڪمپني اشتهارن جي نشاندهي ۽ هٽائڻ جي وچ واري عرصي دوران حاصل ڪيو۔اسپين جي کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ صارف حقن واري وزير پابلو بُستندوي چيو ته ملڪ ۾ هزارين خاندان رهائش جي مسئلي سبب سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙن ڪاروباري ماڊلز مان فائدو وٺي رهيا آهن، جيڪي ماڻهن کي پنهنجن گهرن کان محروم ڪري رهيا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته ڪا به ڪمپني، ڀلي ڪيتري ئي وڏي يا طاقتور ڇو نه هجي، قانون کان مٿانهين نه آهي، خاص طور تي جڏهن معاملو عوام جي رهائش سان لاڳاپيل هجي۔
