فيصل آباد جي علائقي لهلان ويجهو قائم ڪپهه جي فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي ريسڪيو ٽيمون ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن، جڏهن ته افسوسناڪ واقعي ۾ ملبے مان وڌيڪ ٻه مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جنهن بعد فوت ٿيلن جو انگ ٽن تائين پهچي ويو آهي ريسڪيو عملدارن موجب ملبے هيٺان دٻيل ٽئين مزدور جو لاش پڻ ڪڍيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ 25 ورهين جي عدنان طور ٿي آهي، جيڪو جام پور جو رهواسي هو۔ ان کان اڳ ليه جا رهواسي 26 ورهين جو جميل ۽ 46 ورهين جو اصغر فوت ٿي چڪا هئا۔ريسڪيو ذريعن موجب ڇهه ريسڪيو ٽيمون هڪ ڪلاڪ جي سخت جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آڻي سگهيون۔ شروعاتي ڄاڻ مطابق فيڪٽري ۾ موجود پراڻن ڪپڙن کي نامعلوم سببن ڪري باهه لڳي، جنهن سبب پوري فيڪٽري باهه جي ور چڙهي وئي۔باهه لڳڻ سبب فيڪٽري ۾ موجود ڪپڙو ۽ مشينري مڪمل طور سڙي خاڪ ٿي وئي، جنهن سان لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي۔ واقعي بابت جاچ جاري آهي۔
