ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر اقوام متحده جي قانونن ۽ سنڌ طاس معاهدي جي کلي خلاف ورزي ڪندي درياءِ چناب کان پوءِ درياءِ جهلم ۽ درياءِ نيلم جو پاڻي به روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سبب پاڪستان کي شديد آبي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي۔ذريعن موجب انڊس واٽر ڪميشن جو چوڻ آهي ته درياءِ جهلم ۽ نيلم ۾ پاڻي جي آمد گهٽجي صرف 3 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي آهي، جڏهن ته چار ڏينهن اڳ اها مقدار 5 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ هئي
ساڳئي وقت درياءِ چناب ۾ پاڻي جو وهڪرو 10 هزار ڪيوسڪ مان گهٽجي 5 هزار ڪيوسڪ رهجي ويو آهي، جڏهن ته هيڊ مرالہ وٽ پاڻي جو اخراج مڪمل طور بند ٿي چڪو آهي۔پاڻي جي کوٽ سبب قادر آباد خانڪي بئراج مان نڪرندڙ واهن کي پاڻي نٿو ملي، جنهن ڪري پنجاب جي لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي۔ آبي ماهرن انڊس واٽر ڪميشن کي عالمي ثالثي عدالت سان رجوع ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي۔اقوام متحده جي خاص ماهرن پڻ ڀارت جي انهن قدمن کي غير آئيني ۽ سلامتي ڪائونسل جي چارٽر جي ابتڙ قرار ڏنو آهي۔
