توشه خانہ ٽو ڪيس ۾ احتساب عدالت باني پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت ٻنهي کي في فرد 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔تفصيل موجب عدالت دفعہ 409 تحت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 10، 10 سال قيد ۽ دفعات 5 2 ۽ 47 تحت 7، 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي۔ ان ريت ٻنهي جي گڏيل سزا 34 سال بڻجي ٿي، جڏهن ته ٻنهي تي في فرد هڪ ڪروڙ 64 لک 500 رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي۔ي فيصلو اسپيشل جج سينٽرل شاه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو۔ ياد رهي ته ڪيس جي آخري ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ٽي ڀيرا ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي۔نيب 13 جولاءِ 2024 تي توشه خانہ ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل مان گرفتار ڪيو هو۔ ٻئي 37 ڏينهن تائين نيب جي تحويل ۾ رهيا، جنهن کانپوءِ 20 آگسٽ تي احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويوراولپنڊي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي دفعہ 144 ۾ 24 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي۔ ڊپٽي ڪمشنر حسن وقار چيما جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جلسن، جلوسن ريليز ۽ پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي لاڳو رهندي۔
