پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت ترقي جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي آئي ٽي برآمدات ۾ نمايان ۽ تاريخي واڌ ڏٺي وئي آهي۔ سرڪاري پاليسين ۽ موثر سهولتڪاري سبب انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ تيز رفتار ترقي ٿي رهي آهي۔اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين پنجن مهينن دوران آئي ٽي برآمدات ۾ 19 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔ جولاءِ کان نومبر تائين آئي ٽي برآمدات جو مجموعي حجم هڪ ارب 80 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو، جڏهن ته صرف نومبر مهيني ۾ 356 ملين ڊالر جي آئي ٽي برآمدات ٿي۔حڪام جو چوڻ آهي ته ايس آءِ ايف سي جي موثر پاليسين ۽ سهولتڪاري سان آئي ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌي آهي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي۔ماهرن موجب آئي ٽي برآمدات ۾ اضافو نه صرف پرڏيهي ناڻي جو ذريعو آهي، پر ان سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، ڊجيٽل خودمختياري مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ملڪ جي معيشت کي استحڪام ملي رهيو آهي۔
