وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي خلاف توشه خانہ ٽو ڪيس جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو هي ته هي فيصلو مڪمل طور انصاف تي ٻڌل آهي۔عطا تارڙ چيو ته سرڪاري عهديدار کي رياست طرفان ملندڙ تحفا رياست جي ملڪيت هوندا آهن پر باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي پنهنجي گهر کي ڪاروباري مرڪز بڻائي ڇڏيو هو۔هن چيو ته توشه خانہ ون جا تحفا مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا ويا، انهن مان ناجائز نافعو ڪمائي قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو۔ تحفن جي اصل مارڪيٽ ويليو گهٽ ڏيکاري اونه پونه پئسا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا وياوفاقي وزير چيو ته اهي ايمانداري ۽ احتساب جون ڳالهيون ڪندا رهيا، پر عملي طور امانت ۾ خيانت ڪئي وئي۔ ست ڪروڙ رپين جي تحفي جي قيمت صرف 13 لک رپيا لڳائڻ قومي خزاني سان فراڊ آهي۔عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته پبلڪ آفيس هولڊر کي اهڙا عمل هرگز سونهن نٿا ڏين۔ شام جو ڪاروبار هلندو هو ته ڪهڙي کي زمينون الاٽ ڪرڻيون آهن، جنهن سان عوام جو اعتماد ٽٽيو۔هن چيو ته اهڙن عملن سبب سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي ۽ هاڻي هي فراڊ کليل نموني سامهون اچي چڪو آهي۔ توشه خانہ ٽو ڪيس جو فيصلو انصاف ۽ قانون جي فتح آهي۔
