جنيد صفدر جي ٻي شادي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي پٽ جي شادي جي تاريخ ظاهر

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي ٻي شادي جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي، جنهن بعد شادي جون تياريون زور شور سان جاري آهن
ميڊيا رپورٽن موجب جنيد صفدر جي مستقبل واري گهر واري شانزے شيخ آهي، جيڪا روحيل اصغر جي پوٽي ٻڌائي وڃي ٿي۔ شادي جون تقريبون ايندڙ مهيني جنوري جي وچ ڌاري منعقد ڪيون وينديون ذريعن موجب شادي جون تقريبون 16، 17 ۽ 18 جنوري تي ٿينديون، جڏهن ته مهندي ۽ وليمي جون تقريبون جاتي امرا ۾ منعقد ٿينديون واضح رهي ته جنيد صفدر جي پهرين شادي مشهور واپاري سيف الرحمان جي ڌيءَ عائشہ سان ٿي هئي۔ ٻنهي جو نڪاح آگسٽ 2021 ۾ لنڊن جي لينزبرو هوٽل ۾ ٿيو هو، جڏهن ته شادي جون ٻيون تقريبون پاڪستان ۾ ٿيون هيون بعد ۾ آڪٽوبر 2023 ۾ ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي وئي هئي۔ هاڻي جنيد صفدر نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيو آهي

پنھنجي راءِ لکو