پاسپورٽ ٺاهڻ وارن لاءِ وڏي خوشخبري درخواستن جي رئيل ٽائيم مانيٽرنگ جو نئون نظام متعارف

پاسپورٽ ٺاهڻ جي خواهش رکندڙ شهرين لاءِ وڏي خوشخبري سامهون آئي آهي۔ پاسپورٽ کاتي طرفان درخواستن جي وصولي، پرنٽنگ ۽ ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ جديد نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن تحت پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاسپورٽ درخواستن ۽ ڊيليوري جي رئيل ٽائيم مانيٽرنگ ممڪن بڻجي وئي آهي۔ڊي جي پاسپورٽس جي هدايتن تي هيڊڪوارٽرز ۾ خصوصي مانيٽرنگ روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي ڊجيٽل انٽيگريٽيڊ ڊيش بورڊ ذريعي روزاني آپريشنز جي نگراني ۽ جائزو ورتو ويندو۔نئين سسٽم تحت پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏيڻ کان وٺي پرنٽنگ ۽ درخواست ڏيندڙ تائين پهچائڻ جي هر مرحلي جي نگراني ڪئي ويندي۔ ان سان گڏ پاسپورٽ آفيسن ۾ رش جي خودڪار سڃاڻپ به ممڪن ٿي ويندي۔جديد مانيٽرنگ سسٽم سان عملي جي ڪارڪردگي، پاسپورٽ پرنٽنگ، نيٽ ورڪ مينيجمينٽ، بئڪ لاگ ۽ مشينري جي حالت پڻ مانيٽر ڪئي ويندي۔آڪٽوبر 2025 لاءِ پاسپورٽ فيس
نئين فيس شيڊول موجب36 صفحن وارو پاسپورٽ5 سال عام 4,500 رپيا10 سال عام 6,700 رپياارجنٽ 7,500 ۽ 11,200 رپيا 72 صفحن وارو پاسپورٽ 5 سال عام 8,200 رپيا 10 سال عام 12,400 رپيا ارجنٽ 13,500 ۽ 20,200 رپيا 100 صفحن وارو پاسپورٽ 5 سال عام 9,000 رپيا
10 سال (عام): 13,500 رپيا ارجنٽ: 18,000 ۽ 27,000 رپيا پاسپورٽ کاتي موجب هن جديد نظام سان شفافيت وڌندي ۽ شهرين کي وقت سر پاسپورٽ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي۔

پنھنجي راءِ لکو