پوليس موجب ميڊيڪل جي شاگرد جي لاش جنگل مان هٿ آئي آهي۔ پوليس ٻڌايو ته حافظ طاهر نالي نوجوان گذريل ڏينهن راولپنڊي ڪاليج مان واپس ايندي لاپتا ٿيو هو، جنهن جي لاش بعد ۾ جهلم جي ڀرسان جنگل مان ملي۔جهلم پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو قتل ٿيو آهي يا اهو خودڪشي جو واقعو آهي ان بابت حتمي نتيجو پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ سامهون ايندو۔ واقعي بابت هر رخ کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔واضح رهي ته گذريل هفتي لاهور هربنس پورا ۾ به هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو هو، جتي اڪيڊمي ٻاهران جهيڙي دوران نائين جماعت جو شاگرد جان وڃائي ويٺو۔ پوليس موجب ڪجهه نوجوانن ساٿي شاگرد کي ٻاهر سڏي مٿس حملو ڪيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو۔پوليس ٻڌايو ته مبينا طور تي تيز ڌار شيءِ لڳڻ سبب 17 ورهين جو عبدالله موقعي تي ئي فوت ٿيو۔ فرانزڪ ۽ جاچ ٽيمون واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري رهيون آهن، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
