انڊر 19 ايشيا ڪپ 2025 پاڪستان جي ڀارت خلاف تاريخي ڪاميابي دل دل پاڪستان سان جشن

انڊر 19 ايشيا ڪپ 2025 کٽڻ بعد پاڪستاني نوجوان رانديگرن ميدان ۾ زبردست جشن ملهايو۔ دبئي ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي هڪ طرفي مقابلي ۾ 191 رنز جي وڏي فرق سان شڪست ڏئي ٻيهر ايشيا ڪپ جي ٽرافي حاصل ڪري ورتي۔فائنل ۾ پاڪستاني رانديگرن پهرين ڀارت کي وڏو اسڪور ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ شاندار بولنگ سان ڀارتي بيٽنگ لائين کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو۔ هن فتح 2017 جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جون يادون به تازيون ڪري ڇڏيون۔ڪاميابي بعد پاڪستاني رانديگر سبز هلالي جهنڊو کڻي قومي گيت ‘دل دل پاڪستان’ ڳائيندي ائقين سان گڏ خوشيون ملهائيندا رهيا، جڏهن ته ڀارتي فلمي گيت تي رقص ڪري حريفن کي به حيران ڪري ڇڏيو۔ميچ کان اڳ ڀارتي تجزيه نگارن ڀارت جي آساني سان فتح جا دعويٰ ڪيا هئا، پر پاڪستاني رانديگرن پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان سڀ اندازا غلط ثابت ڪري ڇڏيا۔جشن دوران رانديگرن جي رقص واريون وڊيوز ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون، جيڪي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن۔ مداح رانديگرن سان گڏ ٽيم جي مينٽور سرفراز احمد جي به واکاڻ ڪري رهيا آهن۔انڊر 19 ٽيم جي ايشيائي چيمپيئن بڻجڻ تي رانديگرن جي گهرن ۾ به خوشين جو ماحول آهي۔ ڪپتان فرحان يوسف ۽ فاسٽ بولر عبدالسبحان جي گهرن ۾ ڊھول وڄايا ويا ۽ مٺايون ورهايون ويون۔

پنھنجي راءِ لکو