عوام متحد رهيا ته پاڪستان ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو بلاول ڀٽو زرداري جو ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو ۾ خطاب

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن عوام متحد رهندا ته پاڪستان ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو۔ هن اهڙو اظهار ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو، جتي هو مهمانِ خاص طور شريڪ هئا۔بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي۔ هن چيو ته پاڪستان جي خدمت ڪرڻ اسان سڀني جي اولين ذميواري آهي۔ پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجو منفرد مقام قائم ڪري چڪو آهي ۽ ملڪ جي ترقي نوجوانن جي صلاحيتن جي بهتر استعمال سان ئي ممڪن آهي۔پي پي چيئرمين چيو ته نوجوان قوم جو مستقبل آهن ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت انتهائي اهم آهي۔ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ هٿياربند فوجون ملڪ جي بچاءَ لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن۔هن وڌيڪ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو هڪ بهترين تعليمي ادارو آهي، جيڪو نوجوانن جي ڪردار سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجيحن ۾ شامل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو