قومي هوائي ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) جي نيلامي اڄ ڪئي پئي وڃي. نجڪاري ڪميشن موجب بوليون جمع ڪرائڻ جو وقت اڄ صبح ساڍي ڏهه وڳي تائين مقرر هو.نجڪاري ڪميشن جو چوڻ آهي ته حاصل ڪيل بوليون اڄ ساڍي ٽي وڳي نيلامي تقريب دوران کوليون وينديون جڏهن ته سڄو عمل سڌو سنئون نيوز چينلن ۽ سوشل ميڊيا تي ڏيکاريو ويندو.پي آءِ اي جي خريداري لاءِ ٽن وڏن ڪنسرشيم حصو ورتو آهي، جن مان هڪ ڪنسرشيم ۾ ايئر بليو پرائيويٽ لميٽيڊ پڻ شامل آهي۔نجڪاري ڪميشن موجب پي آءِ اي جا 51 کان 100 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪيا ويندا. ڪامياب بولي ڏيندڙ کي جرمني، نيدرلينڊز ۽ ڀارت ۾ موجود پنج قيمتي ملڪيتون پڻ ڏنيون وينديون.سيڙپڪارن کي نيلامي ۾ حصو وٺڻ لاءِ 2 ارب رپيا زرِ ضمانت جمع ڪرائڻا پوندا، جڏهن ته نجڪاري کان پوءِ پي آءِ اي ۾ 80 ارب رپين جي فنانسنگ لازمي هوندي۔پي آءِ اي جي نئين مالڪ کي نون جهازن جي خريداري تي سيلز ٽيڪس مان ڇوٽ ڏني ويندي، جڏهن ته قومي هوائي ڪمپني جا واجبات نيلامي کان اڳ حل ڪيا ويا آهن۔
