خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي 32 ملازمن بابت توهينِ عدالت ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نئين ڀرتي عمل ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جو حڪم

خيرپور ميڊيڪل ڪاليج (KMC) جي 32 ملازمن پاران داخل ڪيل توهينِ عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ٿي۔ ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو     عدالتي حڪمن باوجود ملازمن کي مستقل نه ڪيو ويو، جنهن سبب متاثر ملازمن توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي۔وڪيل موجب، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي اڳوڻين هدايتن تحت خيرپور ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو، جنهن بعد عدالت ڀرتي عمل ۾ 32 درخواستگذارن کي ليت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪندي ڪيس اُڪلائي ڇڏيو۔عدالت ۾ درخواست داخل ڪندڙ ملازمن ۾ وحيد پاتو، شمشاد چانڊيو، رشيد ڦلپوٽو، ارشد منگي، جنيد ڪٽوهر، مسمات جميلان مسمات نوران سميت ٻيا شامل آهن۔وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻيءَ تي عدالت ڪي ايم سي انتظاميا کي واضح هدايت ڪئي هئي ته ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو وڃي، جنهن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي۔ عدالت خيرپور ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ڄاڻايل 32 ملازمن کي نئين سر ڀرتي عمل ۾ ايڊجسٽ ڪيو وڃي ۽ قانون موجب کين سندن حق ڏنا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو