وفاقي حڪومت رواني مالي سال جي شروعاتي پنجن مهينن دوران جولاءِ کان نومبر 2025 تائين مجموعي طور 858 ارب رپين جو قرض حاصل ڪيو آهياقتصادي معاملن واري ڊويزن (Economic Affairs Division) جي دستاويزن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي هيٺ وفاقي حڪومت رواني مالي سال جي پنجن مهينن ۾ وڏي پيماني تي قرض حاصل ڪيو۔ گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران وفاقي حڪومت 741 ارب رپين جو قرض ورتو هو، جڏهن ته هن سال ساڳئي مدت ۾ 117 ارب رپيا وڌيڪ قرض حاصل ڪيو ويو آهي۔دستاويزن مطابق، صرف نومبر 2025 دوران وفاقي حڪومت 144 ارب رپين جو قرض ورتو، جيڪو نومبر 2024 جي ڀيٽ ۾ 4 ارب رپيا وڌيڪ آهي۔اقتصادي معاملن واري ڊويزن موجب، نومبر مهيني ۾ حڪومت باهمي ۽ ڪثيرالجها معاهدن تحت 31 ڪروڙ 45 لک آمريڪي ڊالر حاصل ڪيا، جڏهن ته ساڳئي مهيني دوران 19 ڪروڙ 69 لک آمريڪي ڊالر جا نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا۔رپورٽ موجب، قرضن ۾ واڌ ملڪ جي مالي صورتحال ۽ اقتصادي چئلينجن ڏانهن اهم اشارو قرار ڏني پئي وڃي۔
