پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف چيو ته اقليتن جي حقن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. جيستائين وزيراعليٰ آهيان پنجاب ۾ جيڪڏهن ڪنهن به اقليتي ميمبر سان زيادتي ٿي ته اسان انهن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل هونداسين.
لاهور ۾ ڪرسمس جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته صوبي ۾ جيڪڏهن ڪٿي به اقليتن جي لاءِ قبرستان بابت مسئلا پيش آهن ته انهن کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو. وزيراعليٰ اقليتي اڳواڻ رميش سنگهه اروڙا کي هدايت ڪئي ته اقليتن جي لاءِ گهربل بجيٽ جا تفصيل ٻڌائي حڪومت اها بجيٽ فراهم ڪندي.
هن چيو ته اسان سڀ مسلمان، سک، مسيحي يا هندو نه پر پاڪستاني آهيون، پنجاب اقليتن لاءِ هڪ بهترين جڳهه آهي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ته اهي اقليتن جي حقن سان کيڏي.
وزيراعليٰ صاف سٿري پنجاب جي ورڪرز طرفان چرچز جي صفائي جي قدمن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اهو سلسلو جاري رهندو ته جيئن صوبو هر شهري لاءِ محفوظ ۽ خوشگوار بنائي سگهجي، پنجاب ۾ سمورن مذهبن جي عبادتگاهن کي صاف ۽ بهتر بنايو پيو وڃي.
هن چيو ته پنجاب جي بجيٽ ۾ اقليتن جو به اوترو ئي حق آهي جيترو ٻين جو ۽ جيڪا حڪومت اقليتن جي تحفظ ۾ ناڪام ٿئي انهي کي پنهنجي ڪم سميت گهر وڃڻ گهرجي، حڪومت مينارٽي ڪارڊ جي رقم کي 75 هزار مان وڌائي هڪ لک روپين تائين کڻي وڃڻ جو ارادو رکي ٿي ته جيئن اقليتن جي فلاح، بهبود کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته اسان کي پوري دنيا جي سامهون پنجاب کي مثال بنائڻو آهي ۽ ڏيکارڻو آهي ته صوبي جا سمورا شهري متحد ۽ محفوظ آهن پنجاب حڪومت اقليتن کي پنهنجي تاج ۽ دل جو حصو بنايو آهي.
: https://sindhi.adnnewstv/visit website
