سنڌ جي تعليم کاتي اعليٰ تعليم جي خواهشمند شاگردن لاءِ اڪسفورڊ يونيورسٽي جي اسڪالر شپ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي تعليم کاتي جي ترجمان موجب گريجوئيٽ، ماسٽرز، ايم فل ۽ پي اي ڊي اميدوارن لاءِ اسڪالر شپ دستياب هوندي، اسڪالر شپ لاءِ سنڌ جو ڊوميسائيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته اميدوار جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ميرٽ تي پورو لهڻ ۽ انگريزي زبان ۾ مهارت به ضروري آهي. ترجمان موجب شارت لسٽ اميدوارن جا نالا انٽرويو کان پوءِ فائنل ڪيا ويندا.
اسڪالر شپ جو اعلان هلندڙ سال جي شروعات ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ طئي ٿيل مفاهمتي ياداشت(ايم او يو) جي تحت ڪيو ويو آهي.
visit web : www.sindhi.adnnews.tv
