اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) ڪراچي بندرگاهه تي منشيات اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي۔ انٽيليجنس ڄاڻ ۽ رسڪ اسيسمينٽ جي بنياد تي اسڪريپ سان ڀريل ست درآمدي ڪنٽينر شڪي قرار ڏنا وياANF جي ترجمان موجب گوجرانواله روانگي کان اڳ سڀني ستن ڪنٽينرز جي انتهائي بارڪ بيني سان جاچ ڪئي وئي، جنهن دوران هڪ ڪنٽينر مان وڏي مهارت سان لڪائي رکيل 47 ڪلو ڪوڪين هٿ ڪئي وئي۔ترجمان ٻڌايو ته هٿ ڪيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت لکين ڊالرن جي برابر آهي، جڏهن ته اها اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي تاريخ ۾ ڪوڪين جي سڀ کان وڏي ضبطگي آهي۔اينٽي نارڪوٽڪس فورس موجب سامونڊي بندرگاهن، ڊرائي پورٽس، شاهراهن، بين الصوبائي رستن ۽ هوائي اڏن تي منشيات اسمگلنگ خلاف سخت نگراني ۽ ڪارروائيون جاري آهن ANF ملڪ مان منشيات جي لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي۔
