گوادر: پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ڪارروائي ڪندي 1650 ڪلو هيروئن ۽ 69 ڪلو اعليٰ ڪوالٽي جي آئس هٿ ڪري ورتي آهي.پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ڳجهن ذريعن کان اطلاع ملڻ تي گوادر جي علائقي دران مان ڳري مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي.ڪوسٽ گارڊز جي ترجمان موجب جنرل ايريادران ويجهو ٻن شڪي گاڏين کي بيهڻ جو اشارو ڪرڻ تي جوابدارن گاڏين جي رفتار تيز ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. گاڏين جو پيڇو ڪرڻ تي جوابدار گاڏيون ڇڏي فرار ٿي ويا.ڪوسٽ گارڊز گاڏين جي تلاشي ورتي ته ان مان 1650 ڪلو گرام هيروئن ۽ 69 ڪلو گرام اعليٰ ڪوالٽي جي آئس هٿ آئي.پڪڙيل منشيات سمنڊ جي رستي پرڏيهه اسمگلنگ ٿيڻي هئي جنهن جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت 117 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي.
