ميئر لنڊن صادق خان ڪنجيشن چارج (ٽريفڪ فيس) ۾ وڏي تبديلي جو اعلان ڪندي اليڪٽرڪ گاڏين کي ڏنل مڪمل رعايت ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ هاڻي اليڪٽرڪ گاڏين تي به ڪنجيشن چارج لاڳو ٿي ويو آهي۔پرڏيهي ميڊيا موجب صادق خان چيو آهي ته صاف توانائي واري گاڏين لاءِ رعايت شروعات کان ئي عارضي هئي ۽ شهر ۾ ٽريفڪ گهٽائڻ معيشت لاءِ انتهائي ضروري آهي۔برطانوي ميڊيا موجب 2 جنوري 2026 کان نئون رعايتي نظام لاڳو ڪيو ويندو، جنهن تحت رعايت حاصل ڪرڻ لاءِ آٽو پے ۾ رجسٽريشن لازمي هوندي۔ نئين پاليسي مطابق اليڪٽرڪ ڪارز کي 25 سيڪڙو ۽ وڏين اليڪٽرڪ وينز ۽ گاڏين کي 50 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي۔رپورٽن موجب ڪنجيشن چارج 15 پائونڊ مان وڌائي 18 پائونڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دير سان ادائيگي ڪرڻ تي فيس 21 پائونڊ تائين ٿي ويندي۔ميئر لنڊن جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ ۾ گهٽتائي آڻڻ شهر ۽ معيشت ٻنهي لاءِ ضروري آهي ۽ ماحول دوست پاليسين تي ڪم جاري رهندو۔
