سنڌ جي قومي راڳي، ۽ مزاحمتي فن جو استعارو بڻيل عبدالرحمن مغل المعروف سرمد سنڌي جي 30هين ورسي اڄ سندس اباڻي شهر پريالوء ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وينديورسي جي تقريب ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قومي پارٽين جا اڳواڻ، اديب، شاعر، فنڪار ۽ سرمد سنڌي جا مداح وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنداتقريب دوران سرمد سنڌي جي فن جدوجهد ۽ سنڌي موسيقي لاءِ ڪيل خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي۔ سنڌي ادبي سنگت جي اهتمام هيٺ ادبي پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ شاعر ۽ اديب پنهنجي شاعري ذريعي سرمد سنڌي کي خراجِ عقيدت پيش ڪندا۔ان موقعي تي موسيقي جي محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ مقامي فنڪار سرمد سنڌي جا مشهور ۽ عوامي گيت پيش ڪندا۔ ان کان علاوه سرمد سنڌي جي زندگي فڪري سوچ ۽ سنڌي قومي سڃاڻپ لاءِ سندس ڪردار تي روشني وڌي ويندي۔قوم پرست پارٽين جا اڳواڻ سرمد سنڌي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندا۔
