لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد سول اسپتال جي هڏن واري وارڊ ۾ هٿياربندن گهڙي انڌانڌ فائرنگ ڪري وارڊ ۾ داخل گهر واري جي سارسنڀال لاءِ ويٺل بهرام ڀرسان ڳوٺ لال ڏنو ڪنڊي واسي 43 ورهين جي محمد يوسف مغيري کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران گولي لڳڻ سبب شهر جي غالب نگر واسڻ عورت مريضه ساجده شيخ پڻ سخت زخمي ٿي پئي، مبينا طور مڙس جي قتل جي پلاند ۾ داخل مريضه عورت ريحانه مغيري مڙس جي پسٽل مان فائر ڪري حملي آور جوابدار نجيب مغيري کي زخمي ڪري وارڊ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن ريحانه مغيري مٿان انڌانڌ فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي بعد وارڊ ۾ موجود مرد ۽ عورت مريضن توڙي سندن وارثن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جيڪا ڪيهاٽ ڪندي وارڊن مان ٻاهر نڪري آيا، اطلاع باوجود پوليس دير سان پهتي، جنهن ڪري مقتول زال مڙس جا لاش ڪافي وقت اسپتال جي وارڊ ۾ پيل رهيا، بعد ۾ چانڊڪا اسپتال جو ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر نياز حسين ڏهر عملي سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهتو، جتي هن واقعي بابت بعد تفصيل ورتا، جڏهن ته ڪافي دير بعد حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪرائيم سين محفوظ ڪري مقتول ريحانه جي پيرسن والد سوڍل مغيري توڙي واقعي واري وقت وارڊ ۾ موجود مريضن ۽ سندن وارثن کان واقعي بابت تفصيل وٺي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال جي مارچري وارڊ منتقل ڪري زخمن کي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. واقعي بابت مقتولا ريحانه جي پيرسن والد سوڍل مغيري ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ ريحانه ۽ محمد يوسف 5 سال اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کي ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي، شادي بعد محمد يوسف مغيري جو ڀاڻيجو لاڙڪاڻي شهر جي عاقل روڊ واسي نجيب پٽ ديدار مغيري پنهنجي ڀائرن محمد اسماعيل، ابراهيم ۽ ٻين سان گڏجي ڌيءَ ۽ ڄاٽي کي موتمار ڌمڪيون ڏيندو هو جن گذريل اڱاري ڏينهن رات جي وقت ڳوٺ لال ڏنو مغيري ۾ ڄاٽي جي گهر ۾ گهڙي ڌيءَ ريحانه کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو ڪيس اسان بهرام ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرايو پر پوليس ڪو تدارڪ نه ڪيو، واقعي بعد منهنجي ڌيءَ ريحانه کي سندس مڙس محمد يوسف مغيري لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي هڏن واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي اڄ نجيب پنهنجي ڀائرن ۽ ٻين جوابدارن سان گڏجي وارڊ ۾ گهڙي فائرنگ ڪري منهنجي ڌيءَ ريحانه ۽ ڄاٽي محمد يوسف مغيري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڌيءَ ۽ ڄاٽي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتول محمد يوسف مغيري ۽ سندس گهر واري جا مڙهه مقتول محمد يوسف جي ماٽيلي ڀاءُ احمد خان چانڊيو حوالي ڪيا ويا جيڪو لاش کڻائي اباڻي ڳوٺ لال ڏنو ڪنڊي کڻائي ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ڪيس 6 جوابدارن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل لاڙڪاڻو: سول اسپتال جي هڏن واري وارڊ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل زال مڙس جي قتل وارو معاملو، واقعي جو ڪيس 6 جوابدارن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ زخمي ٿيل هٿياربند نجيب مغيري کي پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ڄاڻائي واقعي جو ڪو به سبب نه ڄاڻايو ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب واقعي جو ڪيس مقتول محمد يوسف مغيري جي ماٽيلي ڀاءُ احمد خان چانڊيو جي فرياد تي گناهه نمبر 2025/126 قلم 302، 324، 148، 149، 427 پي پي سي 7/6 اي ٽي اي تحت 6 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 5 نامزد ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار شامل آهي زخمي ٿيل هٿياربند نجيب مغيري کي پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ڄاڻائي واقعي جو ڪو به سبب نه ڄاڻايو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار نجيب مغيري پنهنجي ڀائرن محمد اسماعيل مغيري، وحيد مغيري، مائٽن غلام علي، نثار مغيري ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار سان گڏجي هم صاح ٿي جديد هٿيارن سان هڏن واري وارڊ ۾ اچي انڌانڌد فائرنگ ڪري ڀاءُ محمد يوسف ۽ مسمات ريحانه کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدارن سرڪاري اسپتال ۾ پيل فرنيچر جو ڪافي نقصان ڪري فائرنگ ڪري وارڊ ۾ موجود مريضن ۾ خوف حراس ۽ دهشت ڦهلائي آهي. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري نامزد جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
