توشه خانه ٽو ڪيس ۾ باني پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي پنهنجي خلاف آيل فيصلي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ اپيلون تيار ڪري ورتيون آهن، جيڪي سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون وينديون۔اهي اپيلون اسپيشل جج سينٽرل جي فيصلي خلاف بيرسٽر سلمان صفدر معرفت داخل ڪيون وينديون، جن ۾ فيصلي کي رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي۔اپيلن جي متن موجب عدالت انعام الله شاه، جنهن کي ملازمت مان برطرف ڪيو ويو هو، ۽ وعده معاف گواهه جي بيانن تي ڀاڙيو، جيڪو قانوني طور درست ناهي۔ اپيل ۾ چيو ويو آهي ته استغاثه عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته هڪ ئي ڏوهه ۾ بار بار سزا نٿي ڏئي سگهجي۔درخواست گذارن جو موقف آهي ته اسپيشل سينٽرل عدالت وٽ ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ئي موجود نه هو۔ اپيل ۾ وڌيڪ چيو ويو ته صهيب عباسي کي غيرقانوني طور سلطاني گواهه بڻايو ويو، جڏهن ته بلغاري سيٽ توشه خانه قاعدن تحت اڳوڻي حڪمران جوڙي وٽ موجود هئي۔اپيلن ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس بنا مڪمل جاچ جي داخل ڪيو ويو ۽ اها ڪارروائي سياسي انتقام جي برابر آهي۔درخواست گذارن موجب هو سرڪاري ملازم جي تعريف ۾ نٿا اچن، ان ڪري سندن خلاف ڪارروائي قانون جي ابتڙ آهي۔
