خيبرپختونخوا ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي پي ڊي ايم اي الرٽ جاري

خيبرپختونخوا ۾ 30 ڊسمبر کان پهرين جنوري تائين برسات ۽ مٿاهين جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔ صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن ضلعي انتظامين ۽ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔پي ڊي ايم اي موجب ترالدير سوات، شانگلا، ڪوھستان، ڪولائي پالس ۽ مالاڪند ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي۔ جڏهن ته بونير، مانسهره، بٽگرام يبٽ آباد، هري پور، ڪرم، خيبر، باجوڙ، مهمند، مردان، نوشهره، پشاور چارسده، ڪوهاٽ، هنگو، ڪرڪ، بنوں، لڪي مروت، ٽانڪ، ڊي آءِ خان ۽ اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پڻ برسات متوقع آهي۔پي ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته ناران، ڪاغان، دير سوات، مالاڪند، ڪوھستان، مانسهره ۽ شانگلا ۾ رستا بند ٿيڻ يا ترڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته پهاڙي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ برفاني تودا ڪرڻ جو به امڪان موجود آهي۔ان کان علاوه سياري جي موڪلن دوران امتحان وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ پي ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته پاڻي نيڪال جو نظام فعال رکيو وڃي، بل بورڊ محفوظ بڻايا وڃن ۽ دريائن، نالن ۽ برساتي نالن جي لڳاتار نگراني ڪئي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو