چنيؤٽ نشي ۾ ڌت اي ايس آءِ گاڏي ٻارن مٿان چاڙهي ڇڏي ٻه معصوم سخت زخمي

پنجاب جي شهر چنيؤٽ جي ڀوانه ڳوٺ ۾ نشي ۾ ڌت پوليس اهلڪار گاڏي هلائيندي ٻارن مٿان چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه معصوم ٻار سخت زخمي ٿي پيا۔ ريسڪيو اهلڪارن موجب زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔علائقي واسين ٻڌايو ته ملزم اي ايس آءِ محمد رمضان نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائي رهيو هو۔ حادثي کان پوءِ ماڻهن کيس موقع تي ئي پڪڙي ورتو، جڏهن ته گاڏي مان شراب جون بوتلون پڻ هٿ آيوعلائقائي ماڻهن جو چوڻ آهي ته 15 تي ڪال ڪرڻ باوجود پوليس اچي ملزم اي ايس آءِ کي فرنٽ سيٽ تي ويهاري ساڻس گڏ رواني ٿي وئي، جنهن تي عوام ۾ سخت ڪاوڙ پکڙجي وئي۔ زخمي ٻارن جي وارثن پوليس جي رويي خلاف احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته نشي ۾ ٻارن کي چيڀاٽيندڙ پوليس اهلڪار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔سخت احتجاج کان پوءِ پوليس ٿانهه ڀوانه ۾ ڪيس داخل ڪري ملزم محمد رمضان کي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب ملزم اي ايس آءِ ٿانهه مسن، ضلع جھنگ ۾ مقرر هو، سندس گاڏي مان شراب جون بوتلون هٿ آيون آهن ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو