پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي۔ واپار جي شروعات مثبت رجحان سان ٿي، جنهن دوران 100 انڊيڪس ۾ 1,294 پوائنٽن جو اضافو ڏٺو ويو ۽ انڊيڪس 173,695 پوائنٽن تي واپار ڪرڻ لڳو۔دورانِ ڪاروبار 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 174 هزار پوائنٽن جي نفسياتي حد عبور ڪئي جڏهن ته مجموعي طور انڊيڪس ۾ 2,011 پوائنٽن تائين اضافو رڪارڊ ڪيو ويو۔پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي هن تاريخي ڪاميابي تي مشير وزير خزانه خرم شهزاد سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ ٻيو اهم سنگِ ميل عبور ڪري ورتو آهي۔خرم شهزاد موجب 100 انڊيڪس جو 174,400 پوائنٽن تائين پهچڻ نئون رڪارڊ آهي، جڏهن ته جنوري 2025 کان هن وقت تائين پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ سيڙپڪارن کي 50 سيڪڙو منافع فراهم ڪيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ هاڻي ايشيا جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مارڪيٽن ۾ شامل ٿي چڪي آهي ۽ سال 2025 سيڙپڪارن لاءِ فائدي ۽ اعتماد جو سال ثابت ٿيو آهيانگن اکرن موجب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ نمايان واڌ آئي آهي، گذريل 18 مهينن دوران سيڙپڪارن جي تعداد ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن بعد 4 لک 50 هزار کان وڌيڪ سيڙپڪار اسٽاڪ مارڪيٽ جو حصو بڻجي چڪا آهنماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هي تاريخي بلندي حڪومتي معاشي پاليسين، سڌارن ۽ معاشي استحڪام جو عڪس آهي، جيڪو سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو۔
