ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي کلي ڀڃڪڙي ڪندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ درياءِ چناب تي متنازع دلہستي اسٽيچ ٽو پن بجلي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ ڀارتي هن منصوبي مان 260 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيڻ جي اميد آهي۔رپورٽن موجب منصوبي تي مجموعي لاڳت 3 هزار 277 ڪروڙ 45 لک ڀارتي رپيا ايندي، جڏهن ته عملي ڪم ايندڙ سال جي شروعات ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي۔ هي منصوبو ڀارت جي سرڪاري ڪمپني اين ايڇ پي سي لميٽيڊ تيار ڪندي۔ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدي تحت دريائن جي پاڻي جي ورڇ طئي ٿيل آهي، جنهن موجب مغربي دريائن چناب، جهلم ۽ سنڌ تي پاڪستان جا تسليم ٿيل حق آهن، جڏهن ته ڀارت کي مشرقي دريائن ستلج، بياس ۽ راوي تي حق حاصل آهن نئين دهلي جو هي قدم پهلگام واقعي کان پوءِ سنڌ طاس معاهدي کي معطل رکڻ واري ڀارتي پاليسي جي پس منظر ۾ ڏٺو پيو وڃي، جنهن تي پاڪستان سخت تحفظات جو اظهار ڪري رهيو آهي۔ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان ڀارت طرفان درياءِ چناب تي دلہستي اسٽيچ ٽو هائيڊرو پاور منصوبي جي منظوري کي سختي سان رد ڪندي ان کي سنڌ طاس معاهدي جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي۔شيري رحمان چيو ته ڀارت جو هي متنازع پن بجلي منصوبو پاڪستان جي تسليم ٿيل آبي حقن تي سڌو حملو آهي۔ هن خبردار ڪيو ته درياءِ چناب تي اهڙو منصوبو پاڪستان جي آبي، زرعي ۽ ماحولياتي سلامتي لاءِ شديد خطرا پيدا ڪندو، جڏهن ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ ڏکڻ ايشيا ۾ تڪرار ۽ بي چيني وڌائي رهيو آهي
