گلوبل اکنامڪ گيلپ سروي معاشي ۽ امن جي حوالي سان پاڪستان کي ڀارت تي واضح برتري

گلوبل اکنامڪ گيلپ سروي جي تازي انگن اکرن موجب سال 2026 جي شروعات تي پاڪستان معاشي حالتن ۽ امن جي حوالي سان ڀارت ۽ عالمي اوسط کان بهترڪارڪرد سروي جي تازي انگن اکرن موجب سال 2026 جي شروعات تي پاڪستان معاشي حالتن ۽ امن جي حوالي سان ڀارت ۽ گي ڏيکاري آهي۔هي سروي دنيا جي 60 ملڪن ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جا 51 سيڪڙو شهري ايندڙ سال بابت پراميد نظر آيا، جڏهن ته ڀارت ۾ هي شرح صرف 39 سيڪڙو رهي۔معاشي حوالي سان 53 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته 2026 خوشحالي جو سال هوندو جيڪا عالمي اوسط 24 سيڪڙو کان گهڻو وڌيڪ آهي۔امن جي حوالي سان به پاڪستاني عوام وڌيڪ پراميد آهن، جتي 52 سيڪڙو ماڻهن کي اميد آهي ته دنيا ۾ امن وڌندو، جڏهن ته ڀارت ۾ هي شرح صرف 26 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي۔گيلپ سروي موجب پاڪستان ۾ اميدن جي هي سطح 1994 کان پوءِ بلند ترين سطح مان هڪ آهي۔ مجموعي اميد، معاشي خوشحالي ۽ امن جي اميد جي ٽن اهم پيمائن ۾ پاڪستان عالمي اوسط کان بهتر نتيجا ڏنا ۽ ٻن پيمائن ۾ ڀارت تي سبقت حاصل ڪئي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته غير يقيني عالمي حالتن باوجود پاڪستاني عوام 2026 بابت پر اعتماد ۽ پراميد آهن، ۽ هي سروي ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ عالمي امن بابت مثبت عوامي رجحانن کي ظاهر ڪري ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو