2026 ۾ دنيا جي خاتمي جي اڳڪٿي سائنسدانن وائرل دعوائن جي حقيقت سامهون آڻي ڇڏي

سال 2025 جي پڄاڻي سان گڏ 2026 ۾ دنيا جي خاتمي بابت دعوائون ٻيهر تيزي سان وائرل ٿي ويون آهن۔ ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب ۽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي لکين ماڻهن اهڙيون وڊيوز ۽ پوسٽون شيئر ڪيون، جن ۾ چيو ويو ته دنيا جمعو 13 نومبر 2026 تي ختم ٿي ويندي۔انهن دعوائن جو حوالو جرمن سائنسدان هائنز وان فورسٽر جي 1960 واري ڏهاڪي جي هڪ رياضي ماڊل ڏانهن ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ انساني آبادي جي غير متوازن واڌ بابت ڳالهه ڪئي وئي هئي۔ ماهرن موجب اهو ماڊل دنيا جي خاتمي جي اڳڪٿي نه هو، پر آبادي جي دٻاءَ بابت هڪ نظرياتي جائزو هو۔ان کان علاوه ريڪي ماحولياتي ماهر گائي ميڪفرسن جي موسمي تبديلي بابت خبردارين کي به غلط نموني پيش ڪيو ويو، جنهن سبب ڪجهه ماڻهن 2026 کي علامتي طور ”دنيا جي پڄاڻي“ جو سال قرار ڏنو۔سائنسدانن واضح ڪيو آهي ته 2026 ۾ دنيا جي خاتمي بابت ڪا به سائنسي ثابتي موجود ناهي۔ البت ماحولياتي بحران وسيلن جي کوٽ، آبادي ۾ اضافو، ٽيڪنالاجي جا خطرا ۽ عالمي تڪرار حقيقي مسئلا آهن، جن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي۔ماهر نفسيات جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي خوفناڪ مواد جي وڌندڙ شيئرنگ ماڻهن ۾ بيچيني ۽ خوف پيدا ڪري رهي آهي۔ ماهرن عوام کي صلاح ڏني آهي ته افواهن بدران مستند سائنسي ڄاڻ تي ڀروسو ڪيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو