ڪراچي ۾ سڙڪن ۽ فٽ پاٿن جي کوٽائي تي ٻه مهينا پابندي سيڪشن 144 لاڳو

ڪراچي ۾ غير قانوني سڙڪن ۽ فٽ پاٿن جي کوٽائي روڪڻ لاءِ ٻن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪا سڀني يوٽيلٽي سروس فراهم ڪندڙ ادارن، فردن ۽ ترقياتي منصوبن تي لاڳو هوندي۔تفصيل موجب ڪراچي ڪمشنر حسن نقوي ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت هي پابندي 2 مارچ تائين نافذ رهندي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پابندي سڀني يوٽيلٽي ادارن، خانگي ماڻهن ۽ ترقياتي منصوبن تي لاڳو هوندي جڏهن ته سنڌ حڪومت جي رسمي اجازت سان ۽ ٽريفڪ پوليس جي مقرر ڪيل هدايتن مطابق ٿيندڙ کوٽائي هن پابندي کان مستثنيٰ هوندي۔ ان سان گڏ مقامي حڪومت جا ضروري ڪم پڻ استثنا ۾ شامل آهن۔پابندي تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ڪراچي ۾ سيڪشن 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ۽ نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ فوجداري ڪيس داخل ڪيا وينداواضح رهي ته ان کان اڳ ڪراچي انتظاميا نئين سال جي موقعي تي امڪاني ناخوشگوار واقعن کان بچڻ لاءِ ٻن ڏينهن لاءِ به سيڪشن 144 لاڳو ڪيو هو، جنهن تحت هوائي فائرنگ، آتش بازي ۽ موٽر سائيڪل تي ڊبل سواري تي پابندي هئي۔نوٽيفڪيشن موجب آتش بازي رڳو سرڪاري طور منظور ٿيل مخصوص هنڌن تي ڪرڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته ڊبل سواري تي پابندي عورتن، ٻارن، بزرگ شهرين، صحافين ۽ ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن تي لاڳو نه ٿيندي۔حڪام شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته خاص طور مرڪزي سڙڪن تي ٽريفڪ جام جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جتي جشن ملهائڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو ميڙ گڏ ٿئي۔ ڊي آءِ جي سائوٿ زون جي سفارش تي عوامي حفاظت خاطر انهن پابندين جي منظوري ڏني وئي آهي۔حڪام موجب پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سيڪشن 188 پاڪستان پينل ڪوڊ تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو