نئون سال 2026 شروع ٿي چڪو آهي ۽ آسماني نظارن سان آهي ته سال جو پهريون سپر مون جلد نظر ايندوماهرن موجب سال 2026 جو پهريون سپر مون 3 جنوري، ڇنڇر جي رات آسمان تي نظر ايندو، جتي چوڏهين جو چنڊ غير معمولي طور وڏو ۽ وڌيڪ روشن ڏسڻ ۾ ايندو۔ماهر فلڪيات جو چوڻ آهي ته هي سپر مون گذريل مهينن دوران نظر آيل سپر مونز جي سلسلي جو آخري چنڊ پڻ هوندو، جيڪو آسمان تي حسين منظر پيش ڪندوسائنسدانن موجب سپر مون تڏهن ظاهر ٿيندو آهي جڏهن چنڊ پنهنجي مدار دوران زمين جي ويجهو اچي ويندو آهي، جنهن سبب چنڊ عام کان لڳ ڀڳ 14 سيڪڙو وڏو ۽ 30 سيڪڙو وڌيڪ روشن نظر ايندو آهي۔صاف آسمان جي صورت ۾ ماڻهو آساني سان هن قدرتي منظر مان لطف اندوز ٿي سگهندا۔
