چارسده: شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، ڇت ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت، 5 زخمي

خيبر پختونخوا جي ضلعي چارسده ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي شادي واري گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا۔

ميڊيا رپورٽن موجب هي واقعو شب قدر خير آباد ۾ پيش آيو، جتي اوچتو گهر جي ڇت ڪري پئي۔ متاثر ٿيل گهر ۾ شادي جي سلسلي ۾ آيل مھمان رهيل هئا۔

حادثي کان پوءِ پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ ملبي هيٺان فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ فوت ٿيلن ۾ عورتون پڻ شامل آهن۔

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ جي صورتحال آهي، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو