خواجه آصف پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي مخالفت باني پي ٽي آءِ وٽ ذات کانسواءِ ڪو ايجنڊا ناهي

وفاقي وزير دفاع خواجه آصف پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي سخت مخالفت ڪندي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ وٽ پنهنجي ذات کانسواءِ ٻيو ڪو ايجنڊا ناهي، تنهن ڪري مفاهمت ممڪن نظر نٿي اچي۔’اعتراض آهي‘‘ ۾ ڳالهائيند ي خواجه آصف چيو ته ڳالهين لاءِ ايمانداري ۽ واضح ايجنڊا ضروري هوندي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اندر ڪڏهن ڳالهين ۽ ڪڏهن ٽڪراءُ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن۔هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي پارٽي به پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندي ته مان ان جي مخالفت ڪندس، ڇو ته باني پي ٽي آءِ بابت ڪا به ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي۔خواجه آصف جو چوڻ هو ته گذريل ٻن سالن کان وفاق تي حملي جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪڏهن ماحول بهتر ڪرڻو آهي ته تشدد ۽ دهشتگردي جي سياست ڇڏڻي پوندي۔دهشتگردي خلاف جنگ بابت هن چيو ته ڪيترائي جوان شهيد ٿيا، پر پي ٽي آءِ جو ڪو به اڳواڻ شهيدن جي گهرن تائين نه ويو، اهڙين حالتن ۾ ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي۔افغانستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪابل حڪومت اها ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته دهشتگردي پٺيان افغان حڪومت جي خاموش حمايت آهي۔

پنھنجي راءِ لکو