پاڪستان وينزويلا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳري ڳڻتي جو اظهار ڪندي آمريڪي هڪطرفي ڪارروائي کي گڏيل قومن جي منشور جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي
اقوام متحده ۾ پاڪستان جي قائم مقام مستقل مندوب عثمان جدون سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا اڳ ئي ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ڪيريبين خطي ۾ عدم استحڪام عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔عثمان جدون جو چوڻ هو ته سڀني ڌرين کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ، ڳالهين ۽ ثالثي جي ڪوششن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هڪطرفيون فوجي ڪارروايون بين الاقوامي اصولن جي خلاف آهن ۽ عالمي قانوني نظام کي ڪمزور ڪن ٿيون، جنهن سان ڊگهي مدي واري عدم استحڪام پيدا ٿي سگهي ٿي۔هن واضح ڪيو ته وينزويلا جي بحران جو واحد پائيدار حل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري آهي، جڏهن ته وينزويلا جي عوام جي مرضي جو احترام ۽ ٻاهرين مداخلت کان پاسو ضروري آهي۔پاڪستاني مندوب اميد ظاهر ڪئي ته لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطو تڪرار ۽ محاذ آرائي کان محفوظ رهندو ۽ وينزويلا ۾ امن، استحڪام ۽ عوامي ڀلائي سڀني ڪوششن جو بنيادي مقصد هجڻ گهرجي۔عثمان جدون تڪرارن جي پرامن حل ۽ گڏيل قومن جي منشور جي پاسداري بابت پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي سلامتي ائونسل جي صدارت سنڀالڻ تي صوماليا کي مبارڪباد پڻ ڏني۔
