پاڪستان ۾ 2026 جي پهرين سرڪاري موڪل 5 فيبروري تي، يومِ يڪجهتي ڪشمير ملهايو ويندو

پاڪستان ۾ سال 2026 جي پهرين سرڪاري موڪل 5 فيبروري، خميس جي ڏينهن، يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ملهايي ويندي. وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل موڪلن جي فهرست موجب هن ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي۔يومِ يڪجهتي ڪشمير هر سال 5 فيبروري تي ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي جدوجهد سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ڀارتي ظلم کي عالمي برادري آڏو اجاگر ڪرڻ آهي۔ان موقعي تي ملڪ ڀر سميت آزاد ڪشمير ۾ ريليون، يڪجهتي مارچ ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن۔ اسلام آباد ۾ ڪنسٽيٽييوشن ايونيو تي مرڪزي ريلي ڪڍي ويندي آهي۔يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي صبح 10 وڳي سائرن وڄايا ويندا آهن ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪشميري شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو