دبئي پوليس جو پاڪستانين سميت غير ملڪي شهريَن کي ورڪ ويزا فراڊ کان خبردار ڪندڙ اهم انتباہ

دبئي پوليس روزگار لاءِ ورڪ ويزا تي دبئي ايندڙ پاڪستانين سميت سمورن غير ملڪي شهريَن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪندي جعلي نوڪرين ۽ ويزا فراڊ کان خبردار ڪيو آهي۔دبئي پوليس جي جنرل ڊپارٽمينٽ آف ڪرمنل انويسٽيگيشن جي اينٽي فراڊ سينٽر پاران جاري ڪيل انتباہ ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه جعلساز ماڻهو غير حقيقي نوڪريون ۽ ويزا ڪفالت جا ڪوڙا واعدا ڪري ماڻهن کي دوکي ۾ وجهي رهيا آهن، جن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي۔دبئي پوليس موجب دبئي اچڻ لاءِ صحيح ورڪ ويزا حاصل ڪرڻ جو واحد محفوظ طريقو سرڪاري چينلز يا قانوني طور لائسنس يافته رڪروٽمينٽ ايجنسين وسيلي درخواست ڏيڻ آهي۔عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به قسم جي جعلسازي جي صورت ۾ دبئي پوليس اسمارٽ ايپ ذريعي فوري اطلاع ڏين يا هيلپ لائن 901 تي رابطو ڪن، جڏهن ته سائبر ڪرائم لاءِ مخصوص آن لائن پليٽ فارم تي به شڪايت داخل ڪري سگهجي ٿي۔واضح رهي ته دبئي ۾ روزگار لاءِ ايندڙ غير ملڪي شهريَن لاءِ ورڪ ويزا لازمي هوندو آهي، جيڪو عام طور تي آجر جي ذميواري هوندو آهي۔ هي ويزا عام طور هڪ کان ٻه سال لاءِ جاري ڪيو ويندو آهي، جنهن جي تجديد به ٿي سگهي ٿي۔ورڪ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ وٽ نوڪري جي آڇ، ميڊيڪل فٽنس سرٽيفڪيٽ، قانوني رهائش ۽ امارات آءِ ڊي هجڻ لازمي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو