وفاقي تحقيقاتي ادارو (ايف آءِ اي) سي پيڪ منصوبو کي بدنام ڪندڙ جعلي غير ملڪي ڪمپني خلاف تحقيقات مڪمل ڪري ان جي خلاف مقدمو داخل ڪيو آهي۔تحقيقات ۾ ظاهر ٿيو ته ملزمان پاڻ کي چائنا ٿري گورجز ڪارپوريشن جو نمائندو ظاهر ڪري شڪايت ڪندڙ کان 50 لک رپيا وصول ڪيا، ۽ ان کان علاوه 2 ڪروڙ ماليت جو ڪمرشل پلازہ 4.5 ڪروڙ ماليت جو گهر ۽ سيڪٽر جي 15 ۾ 5 ڪنال زمين به حاصل ڪئي، جنهن سان شڪايت ڪندڙ کي ڪل 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ نقصان پهتو۔مقدم ۾ چيو ويو آهي ته ملزمان جو ڪنهن به غير ملڪي ڪمپني سان ڪو تعلق نه هو، ۽ سڄو منصوبو جعلي ۽ فراڊ تي مبني هو۔ ملزمان خلاف اڳ ۾ به مالي فراڊ جا ڪيترائي مقدمات داخل ٿيل آهن ايف آءِ اي چيو آهي ته قانوني ارروائي تحت ملزمان کي انصاف جي ڪٽهره ۾ آندو ويندو ته جيئن سي پيڪ خلاف ٿيندڙ ڌوڪيبازي کي روڪي سگهجي
