سڄي ملڪ ۾ سيمينٽ جي قيمتن ۾ گهٽتائي بلڊرز ۽ گهر ٺاهيندڙن لاءِ سٺي خبر

سڄي ملڪ جي بلڊرز، ڊيولپرز ۽ ذاتي طور گهر تعمير ڪرائيندڙ ماڻهن لاءِ خوشيءَ جي خبر سامهون آئي آهي، ڇو ته پاڪستان ۾ سيمينٽ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل هفتي ريٽيل سطح تي سيمينٽ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي۔ سيمينٽ جي وڪري ۾ واڌ سبب خاص طور تي ملڪ جي اترين شهرن ۾ سيمينٽ سستو ٿيو آهي۔رپورٽ موجب اترين شهرن ۾ سيمينٽ جي هڪ ٻوري جي اوسط پرچون قيمت 1391 رپين مان گهٽجي 1387 رپيا ٿي وئي آهي۔ جڏهن ته ملڪ جي ڏاکڻين شهرن ۾ سيمينٽ جون قيمتون مستحڪم رهيون ۽ اوسط قيمت 1446 رپيا في ٻوري برقرار رهي۔انگن اکرن موجب گذريل مهيني پاڪستان ۾ سيمينٽ جي مجموعي ترسيل ۾ 1.47 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ اها 4.347 ملين ٽن تائين پهچي وئي۔ ملڪي وڪرو 6.42 سيڪڙو وڌي 3.725 ملين ٽن ٿيو، جڏهن ته سيمينٽ جي برآمدات ۾ 20.66 سيڪڙو گهٽتائي اچي ۽ اها 621,685 ٽن تائين محدود رهي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته سيمينٽ جي قيمتن ۾ هي تبديلي تعميراتي شعبي، ريئل اسٽيٽ ڊيولپرز ۽ گهر ٺاهيندڙ ماڻهن تي سڌو اثر وجهي سگهي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو