پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر ڪراچي جي ماڻهن کان اپيل ڪئي آهي ته هو باني پي ٽي آءِ عمران خان جي نمائندي ۽ خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي مايوس نه ڪن۔سوشل ميڊيا ايپ ايڪس تي جاري بيان ۾ بئرسٽر گوهر چيو ته اڄ سهيل آفريدي جو سنڌ جو آخري ڏينهن آهي ۽ سومر تي هو واپس وڃي رهيو آهي۔ سنڌ حڪومت آخري ڏينهن ڪا بدمزگي پيدا نه ڪري ۽ سٺو ماحول برقرار رکي۔ اسان گهڻو برداشت ڪيو آهي وهان به هڪ ڏينهن صبر ڪريو۔هن چيو ته جناح گرائونڊ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اڄوڪو جلسو ڪنهن خلاف نه، پر پنهنجن حقن لاءِ آهي، جيڪو قانون موجب، مقرر وقت ۽ جاءِ تي پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ ٿيندو۔
