ڪوٽڏيجي ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ننگريجا اسٽاپ وٽ مسافر ڪوچ ۽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا۔حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس، ريسڪيو ٽيمون ۽ علائقي جا ماڻهو موقعي تي پهچي ويا ۽ فوري طور امدادي ڪارروائي شروع ڪئي وئي۔ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو۔ريسكيو عملدارن موجب ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته پوليس موجب حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي۔
