ڪراچي ۾ سائبيريا جي سرد هٻڪ گرمي پد 6 ڊگري تائين ملڪ جي اترين علائقن ۾ شديد ٿڌ ۽ برفباري

شهر قائد ڪراچي ۾ سائبيريا مان ايندڙ ٿڌڙين هٻڪن جي ڪري گرمي پد 6 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي ويو آهي، ۽ ڏينهن ڀر ٿڌڙيون هٻڪيون جاري رهنديون. موسميات کاتي موجب ٿڌي جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان آهي۔ملڪ جي ٻين علائقن ۾ پڻ شديد ٿڌي جي لپٽ آهي۔ گلگت بلتستان ۾ اسکردو ۾ -14، استور ۾ -11 ۽ گلگت ۾ -8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿي چڪا آهن۔ آزاد ڪشمير جي ڀمبر ۾ ٿڌ جي شدت سبب تعليمي ادارن جون موڪلون 17 جنوري تائين وڌايون ويون آهن۔اتر بلوچستان ۾ پڻ يخي هٻڪن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي آهي، زيارت ۽ قلات ۾ -7 ۽ ڪوئٽا ۾ -2 کان -3 ڊگري رڪارڊ ٿيون، جتي رستن تي گڏ ٿيل پاڻي جمجي برف بڻجي ويو آهي۔ پنجاب جي شهرن لاہور، فيصل آباد ۽ ملتان ۾ گرمي پد 2 کان 3 ڊگري رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ صفر ۽ پشاور ۾ هڪ ڊگري رڪارڊ ٿي موسميات کاتي موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿڌ جي شدت وڌيڪ وڌڻ ۽ مٿين علائقن ۾ برفباري جاري رهڻ جو امڪان آهي۔ڪراچي ۾ سائبيريا جي سرد هٻڪ گرمي پد 6 ڊگري تائين

پنھنجي راءِ لکو