پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) وفاقي حڪومت پاران قانونسازي بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. پارٽي واضح ڪيو آهي ته اسيمبلي ۾ آڻيل قانونن جي حمايت هاڻي مشاورت سان مشروط هوندي. پيپلزپارٽي حڪومت کان مطالبو ڪندي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ايجنڊا ۽ تجويز ڪيل قانونن بابت اڳواٽ بريفنگ ڏني وڃي. پارٽي قيادت جو چوڻ آهي ته مشاورت کانسواءِ قانونسازي جي صورت ۾ حڪومت جو ساٿ نه ڏنو ويندو.پيپلزپارٽي حڪومت کان اسپيشل اڪنامڪ زونز آرڊيننس سميت ٻين اهم قانونن تي به باقاعده مشاورت جو مطالبو ڪندي. پارٽي انهن قانونن بابت پنهنجون تجويزون حڪومت کي پيش ڪندي آ ته قومي اسيمبلي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وڏي پيماني تي قانونسازي متوقع آهي، جنهن تي پيپلزپارٽي تفصيلي بريفنگ گهري آهي۔
