ڪراچي مان شڪار لاءِ ويندڙ ٻيڙي حادثي جو شڪار هڪ ڄڻو فوت هڪ گم

ڪراچي مان شڪار لاءِ ويندڙ اٺ ڄڻن جي ٻيڙي ٺٽي ويجهو ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو ٻڏي فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ شخص گم ٿي ويو، جڏهن ته ڇهه ڄڻن کي بچائي ورتو ويو۔حادثي وقت ٻيڙي ۾ سوار سڀئي ماڻهو آبي پکين جو شڪار ڪري رهيا هئا ته اوچتو ٻيڙي اونڌي ٿي وئي۔ اطلاع ملڻ شرط مقامي مهاڻن فوري ڪارروائي ڪندي ڇهه ڄڻن کي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ هڪ فوت ٿيل شخص جو لاش پڻ هٿ ڪيو۔فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ اصغر جي نالي سان ڪئي وئي آهي۔ ريسڪيو عملدارن موجب گم ٿيل شخص جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي۔واضح رهي ته گذريل سال به ڪراچي سان واسطو رکندڙ مهاڻن جي ٻيڙي بلوچستان جي علائقي گوادر ڀرسان سمنڊ ۾ ٻڏي وئي هئي، جنهن ۾ پنج مهاڻا فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته هڪ کي زنده بچايو ويو هو۔

پنھنجي راءِ لکو