وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي وڌائي عوام کي امڪاني رليف کان محروم ڪري ڇڏيو آهي۔ سرڪاري دستاويزن موجب پيٽرول تي 4 رپيا 65 پئسا في ليٽر ليوي وڌائي وئي آهي جنهن بعد پيٽرول تي ليوي 79 رپيا 62 پئسا مان وڌي 84 رپيا 27 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي۔اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي به 80 پئسا في ليٽر ليوي وڌائي وئي آهي، جنهن بعد ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 75 رپيا 41 پئسا مان وڌي 76 رپيا 21 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي۔ جيڪڏهن ليوي برقرار رکي وڃي ها ته پيٽرول ۽ ڊيزل سستا ٿي سگهن پيا۔دستاويزن موجب مٽي جي تيل تي به 1 رپيو 41 پئسا في ليٽر ليوي وڌائي وئي آهي، جنهن بعد ليوي 18 رپيا 95 پئسا مان وڌي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي۔ لائٽ ڊيزل آئل تي پيٽروليم ليوي 15 رپيا 84 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔ليوي ۾ اضافي بعد پيٽرول تي مجموعي ٽيڪس 105 رپيا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ٽيڪس 100 رپيا في ليٽر کان مٿي ٿي ويو آهي، جنهن ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جو مارجن به شامل آهي۔ بهرحال پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس صفر برقرار رکيو ويو آهي۔