ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع موبائل اليڪٽرانڪس جي وڏي مارڪيٽ گل پلازا ۾ گذريل رات لڳل خطرناڪ باهه 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به ڪنٽرول ۾ نه اچي سگهي آهي۔موبائل اليڪٽرانڪس ڊيلر ايسوسيئيشن جي صدر منهراج گلفام موجب گل پلازا مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو آهي۔ هن جو چوڻ آهي ته هِن مارڪيٽ سان ڏيڍ کان ٻه لک خاندانن جو روزگار لاڳاپيل هو ۽ هي باهه صرف هڪ عمارت کي نه پر ڪراچي جي معيشت کي لڳي آهي۔باهه سبب عمارت ۾ دراڙون پئجي ويون آهن ۽ ٽئين درجي جي باهه سبب پلازا جي ڪري پئجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔ وقفي وقفي سان سلنڊر ۽ اي سي آئوٽر ڦاٽڻ جون آوازون به ٻڌڻ ۾ آيون۔ريسكيو اختيارين موجب پلازا جو پٺيون حصو ڪري پيو آهي، جنهن سبب هڪ فائر فائٽر فرقان سميت هاڻي تائين 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن۔ ڪيترائي ماڻهو ساڙجڻ ۽ دم گھٽجڻ سبب زخمي ٿيا آهن، جن مان 12 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي۔پلازا جي ٻي ۽ ٽين ماڙ تي ڪيترن ماڻهن جي ڦاٿل هجڻ جون اطلاعون آهن۔ ريسڪيو ٽيمون اسنارڪل ۽ ڳري مشينري جي مدد سان ڳولا ۽ بچاءُ جو آپريشن جاري رکيون ويٺيون آهن، جڏهن ته سڄي شهر مان فائر ٽينڊر گهرايا ويا آهن ۽ هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي۔
