خميس جي صبح اسرائيل جي خفيه جوهري مرڪز، شيمون پيريز نيگيو نيوڪليئر ريسرچ سينٽر جي ويجهو 4.2 شدت جو زلزلو آيو. زلزلي جي گهرا ۽ مدت چند سيڪنڊ هئي، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي زير زمين ايٽمي تجربو جون افواهون پکڙجي ويون. زلزلي دوران ملڪ جي اسڪولن ۾ قومي هنگامي مشقون جاري هيون.ماهرن موجب هي علائقو، ڊيڊ سي ريفٽ وادي، ٽيڪٽونڪ پليٽن جو حصو آهي ۽ هتي زلزلا عام آهن، پر ٽائمنگ ۽ جاءِ حيران ڪندڙ آهي. ڊيمونا ۾ اسرائيل جو نيوڪليئر ري ايڪٽر آهي جتي 1960 واري ڏهاڪي کان جوهري هٿيار ٺاهڻ لاءِ پليٽينيم تيار ڪيو وڃي ٿو. اسرائيل اين پي ٽي جو حصو ناهي ۽ اسٽريٽيجڪ ابھام جي پاليسي تي عمل ڪري ٿو.سوشل ميڊيا تي سوال اٿن ٿا ته ڇا هي ايران کي وارننگ آهي، خاص طور تي گذريل سال جون 2025 ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ايران جي جوهري تنصيبات تي حملا ڪرڻ کان پوءِ.
