افغانستان ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 1100 کان وڌي ويو

ڪابل: افغانستان ۾ آيل تباهه ڪن زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 1100 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ بي گهر ٿي ويا آهن۔ افغان هلال احمر موجب آچر ۽ سومر جي وچ واري رات آيل زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 1124 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 3251 ڄڻا زخمي ٿيا آهن۔ رپورٽن موجب 8 هزار کان وڌيڪ گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿي ويا آهن۔ سرڪاري ميڊيا مطابق سڀ کان وڌيڪ نقصان صوبي ڪنڙ ۾ ٿيو آهي۔ آمريڪي جيو لوجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز صوبي ننگرهار جي جلال آباد شهر جي ڀرپاسي ۾ هو، جنهن جي کوٽائي 8 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي۔ مقامي وقت مطابق زلزلو رات 11 وڳي 47 منٽن تي آيو، جڏهن ته تقريبن 20 منٽن بعد صوبي ۾ وري 4.5 شدت جو ٻيو جهٽڪو محسوس ڪيو ويو، جنهن جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر هئي۔ انساني ڀلائي وارن ادارن موجب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ زخمين کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي هنگامي پناهه گاهن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو