اوورسيز پاڪستانين لاءِ خوشخبري پي ٽي اي جو سم بلاڪ نه ٿيڻ جو اعلان

پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ وڏي سهولت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻي اوورسيز پاڪستاني پنهنجي پاڪستاني موبائل سم پرڏيهه ۾ به ايڪٽو رکي سگھندا۔پي ٽي اي موجب، اوورسيز پاڪستاني پنهنجي موبائل سروس ۾ تسلسل برقرار رکي سگھندا ۽ پرڏيهه ۾ رهڻ دوران سندن سم بلاڪ نه ڪئي ويندي۔اداري جو چوڻ آهي ته هن قدم جو مقصد سمندر پار پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان سان سندن رابطو مضبوط رکڻ آهي۔ سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل موبائل ڪمپني سان رابطو ڪري سگھجي ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو