پي ٽي آءِ يو سي چيئرمين گوهر خٽڪ 24 ساٿين سميت گرفتار

ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي يو سي چيئرمين شاهه فيصل ٽائون گوهر خٽڪ کي 24 ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب گوهر خٽڪ وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔ايف آءِ آر مطابق ملزم ٽائون آفيس ۾ ساٿين سميت موجود هو ۽ ماڻهن کي رياست خلاف ڀڙڪائي رهيو هو۔پوليس جڏهن روڪيو ته ملزمن حملي جي ڪوشش ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ سڀني کي گرفتار ڪيو ويو۔گرفتار ٿيل ماڻهن خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو